ڏوڪري : حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ۾ ٻه روزه ڪتابي ميلو ۽آرٽ فيسٽيول منعقد
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ۾ ٻه روز ڪتابي ميلو ۽آرٽ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، آرٽ فيسٽيول ڪتابي ميلي ۾ شاگردن پاران مختلف اسٽال لڳايا ويا، افتتاح ڪيو ويو تفصيل موجب ڏوڪري گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ ۾ ٻن ڏينهن تي مشتمل آرٽ فيسٽيول ڪتابي ميلو لڳايو ويو
آرٽ فيسٽيول ڪتابي ميلي جي پھرين ڏينهن تي سوين شاگردن خوبصورت تصويرن ۽ ماڊلز سان پنھنجا اسٽال سجايا. ڪتابي ميلي ۾ سنڌ جي نامياري آرٽسٽ ۽ ڪولاج اسٽوڊيو جي روح روان طارق ابڙو، ناليواري تعليمدان زاھد حسين ھليو، ٽي اي او ڏوڪري قلندر بخش سوھو ۽ ٻين رِبن ڪٽي فيسٽيول جو افتتاح ڪيو.
جنهن بعد طارق ابڙو، زاھد حسين ھُليو، قلندر بخش سوھو، تعليمدان ارشد چنو، شھزادي ٻُٽ، شفيق احمد ٻگھيو، آپا شبنم آرا منگي، سڪندر عباسي، نثار احمد سولنگي ۽ عبدالغفور زھراڻيءَ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ عظيم الشان فيسٽيول ملھايو ويو آهي،
جيڪو تاريخ جو يادگار پروگرام آهي. سمورن شاگردن پنهنجي مثالي آرٽ ذريعي پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. اميد آهي تہ ھو مستقبل جا ڪامياب انسان ثابت ٿيندا. جڏهن ته گورنمينٽ گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول عبدالڪريم انڙ، موھن جو دڙو ھاءِ اسڪول، ڪاراڻي ھاءِ اسڪول، عثمان ڪلھوڙو ھاءِ اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول ٻلھڙيجي. گرلز پرائمري اسڪول ڏوڪري، بوائز پرائمري اسڪول ڏوڪري، مجدد پبلڪ اسڪول، سرخاب اڪيڊمي ڏوڪري ۽ ٻين مختلف اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٽيچرز، صحافين، اديبن، شاعرن ۽ سوين ساڃاھ وند شھرين شرڪت ڪري اسٽال وزٽ ڪيا
۽ شاگردن جي آرٽ ورڪ جي بي پناھ ساراھ ڪئي. فيسٽيول جي موقعي تي سجايل ڪتابن جي اسٽالن تان پڻ وڏي تعداد ۾ ڪتابن جي خريداري ڪئي وئي. ياد رهي تہ ھي رنگا رنگ تقريبون سڀاڻي 30 نومبر تي پڻ جاري رھنديون.
نومبر 29, 2023