سوڀو ديرو: ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجاجو ماحول نه سڌري سگھيو

Spread the love

سوڀوديرو (رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو) تعلقه سوڀوديروجي ٽيئن وڏو درجو رکندڙ ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجا جا روڊ رستا گھٽيون محلا سڌري ويا پر ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجاجو ماحول نه سڌري سگھيو۔

مزڪوره ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجاجي سرڪاري ماھوار بجيٽ اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ روپيا انڪم سميت ھئڻ باوجودھنڱورجا جا سفيد لباس پاپوليشن  وارا علائقا گندگي توڙي گندي پاڻي جي لپيٽ ھيٺ گذارڻ لڳا آھن ۔

ميمڻ محلا ھنڱورجا واري مين گھٽي کوھ واري مسجد ۔ گورنميبٽ ڊگري ڪاليج  گورنميٽ بوائز ھاء اسڪول ۔ ايورگرين پبلڪ ھاء اسڪول ھنڱورجا ميمڻ بازار ڏانھن ويندڙ مين گھٽي جيڪا ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجا جي نااھل عملدارن جي عدم توجھ سبب صفائي سٿرائي نه ھجڻ ڪري ناليون ابتون وھندي مزڪوره گھٽي مڪمل طورتي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ ايندي ھڪ تلاوء جي شڪل اختيار ڪري ايندڙ ويندڙ اسڪولي ٻارڙن توڙي عام شھرين نمازين لاء آزار جو باعث بڻيل مين سفيد پوش رکندڙ پڙھيل لکيل آفيسرز رينج سرڪاري ملازم توڙي ڪاروباري شخصيتن واري ھن علائقي جي ھيڙي حالت آھي

ته باقي بي پھچ غريب محلن جو ڇاحشر نشر ھوندو ۔ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجا جوچئيرمين  ڪائونسلر ۔ ٽائون آفيسر سميت ڍيڍ سئوکان وڌيڪ مقرر سرڪاري نيم سرڪاري عملو خبرھوندي به بي خبر بڻيل ۔

 ڪن لاٽار ڪري صرف پنھنجا ڀڀ ڀرڻ۾ مشغول عمل بس رڳوماھواري ملندڙ سرڪاري بجيٽ منجھ اکيون کتل عوامي تڪليف جي ته کين کي ڪا ڪل ئي ناھي صرف من پسند پنھنجا نوازي اقرباپروري تحت ڪجھ ڪم ڏيکاري سرڪار توڙي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي پنھنجون سرڪاري رڪارڊ۾خانا پوريون ڪري لکين روپين جا ڪوڙا ووچر ڏيکاري ھضم ڪرڻ ۾ رڌل مزڪوره ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجا اندر سالن کان قانوني ۽ غيرانوني طور اٽڪل ڍيڍسئو کان وڌيڪ ننڍا وڏا ملازم مقرر ھوندي به شھر جا پنج وارڊ به صفائي سٿرائي کان محروم آھن

 باقي ٻھراڙي وارن وارڊن ۾ ته سالن کان ٽائون ڪاميٽي وارن جو ڪم ڪار لاء يا سرڪاري اسڪيم لاء ڪابه تعميراتي جھرڪي به ناھي وئي پر سرڪاري ريڪارڊ ۾ انھن وارڊن جي نالن تي به ڪا نه ڪا سرڪاري اسڪيم يا صفائي سٿرائي اسريٽ لائيٽ توڙي محرم الحرام يا ماھ ربيع الول جي حوالي سان سرڪاري ريڪارڊ م ضرور ڪوڙا بل ڏياريل ھوندا آھن ۔

ايتري ساري سرڪاري بجيٽ جي ھوندي ۽ ايتري ساري ملازمن جي لوڌ مقرر ھوندي به شھرواسي صفائي سٿرائي واري عمل کان محروم رھن ته پوء آخر ھنن ڪرپشن جي ديوتائون کي ڪير سجھائيندو. ھتان جي شھرواسين پاران اعلي اختيارين وزيراعظم پاڪستان چيف جسٽس آف پاڪستان وزيراعلي سنڌ وزير بلديات نيب ايف آء اي  اينٽي ڪروپشن سميت ٻين اعلي اختيارين جوڌيان ھن اھم مسئلي ڏانھن ڇڪائيندي گھرڪئي ته ماھ وار ڍيڍ ڪروڙ روپيا سرڪاري بجيٽ رکندڙ ۽ ڍيڍ سئو کان وڌيڪ جائز ناجائز سرڪاري نيم سرڪاري وائٽ ڪالرز ملازمن جي ھوندي به مزڪوره شھر وارا خالي پنج وارڊ به انساني سماجي حقوقن کان وانجھل ھجڻ جو سخت نوٽيس وٺي سرڪاري عوام ڀلائي واري رقم جو ضائع ٿيڻ کان بچائيندي شھرين ڳوٺانڻ جي سماجي سھولتن تي خرچ ڪرائي ڪرپٽ نااھل عملدارن خلاف قانوني چاره ڪري انصاف جون تقاضائون پريون ڪيو وڃن ۔

نومبر 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو