ڪترينا جو هيليڪاپٽر خراب، موت ڏسي هڪ ئي شخص جو نالو وٺي رهي هئي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ٽائيگر ٿري جي حوالي سان خبرن ۾ آهي ۽ فلم ۾ مک ڪردار سلمان خان جو آهي.

ان دوران ڪترينا جي هڪ وڊيو ڪافي وائرل ٿي آهي. وڊيو ۾ اداڪارا ڪترينا ڪيف زندگي جي سڀ کان ڏکئي وقت بابت ٻڌائيٿي ته اهو وقت هو جڏهن هو موت جي ويجهو هئي.

ڪترينا ڪيف وڊيو ۾ حادثي بابت ٻڌايو ته هو هيليڪاپٽر ۾ سوار هئي پر اوچتو تيزي سان هيليڪاپٽر ڌڏڻ لڳو ۽ هيٺ ڪرڻ لڳو.

اداڪارا موجب کيس لڳو ته ڀڳوان هي منهنجي زندگي جي پڄاڻي آهي هي آخري وقت آهي.

ڪترينا ٻڌايو ته منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هڪ ئي شئي هلي رهي ته ته ڀڳوان مون کي اميد آهي ته منهنجي ماءُ ٺيڪ هوندي.

نومبر 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو