نواب شاھ: ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان انڊس فورم پاران اسڪول ۾ تقريب منعقد
نواب شاھ ( رپورٽ: فداحسين رند) نواب شاھ ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا نوجوان، بزرگن ۽ ٻارڙن جون سنڌي گيتن تي جهمريون، جيئي جيئي سنڌ جي نعرن سان شهر گونجي اٿيو،
سنڌ سان مرڻ گهڙي تائين ساٿ نڀائڻ جا وچن، نواب شاھ ۾ ٽئين ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي اعلان بعد مختلف اسڪولن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻھن پاران تقريبن جو سلسلو جاري آھي،
ان سلسلي ۾ نواب شاھ ڀرسان ڳوٺ کٻڙ لکمير ۾ اعلانيل 3 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور نموني ملھائڻ جي حوالي سان انڊس فورم نواب شاھ پاران ھڪ رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏھن ته تقريب ۾ بشير لکھمير، نويد ڪيريو، مبشير، شيراز احمد ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن قومي گيتن تي جهمريون هنيون،
جڏهن ٻئي پاسي نواب شاھ جي غلام حيدر شاھ ڪالوني ۾ قائم ڊي نيشن پبلڪ اسڪول ۾ رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپل سميع شيخ، فھميدہ سولنگي سميت اسڪولي ٻارڙن ثقافتي ويس وڳا پھري شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ۽ ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، نوابشاھ ڀرسان ڳوٺ مير خان علي محمد مغيري ۾ ميڊيا پاران ملهائجندڙ ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور نموني ملھائڻ جي حوالي سان مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي،
جڏھن ته مچ ڪچهري ۾ ننڊي ٻارڙن سميت مختلف علائقن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، جسقم نواب شاھ پاران ھڪ جاڳرتا گڏجاڻي ڪئي وئي
۽ ثقافتي ڏهاڙي جي سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار آهي، ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان گڏ نوجوان نسل کي ملڪ سان محبت ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي.
نومبر 27, 2023