ملير: سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۽ اي۔ ايڇ ورلڊ اڪيڊميء پاران ثقافتي مشاعرو منعقد

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۽ اي۔ ايڇ ورلڊ اڪيڊميء پاران ثقافتي مشاعرو ٿي گذريو مشاعري ۾ سنڌ جي ناليواري شاعرن، سگھڙن، صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت مشاعري ۾ اسڪول جي ٻارڙن سنڌي گيتن تي رقص ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا

جڏهن ته آيل مهمانن کي کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا تفصيل موجب  سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۽ اي۔ ايڇ ورلڊ اڪيڊميء پاران ثقافتي مشاعرو ٿي گذريو، جنهن صدارت نامياري شاعر عقاب غلام مصطفي ڇڄڙو ڪئي،

اصغر باغي، شاعر غلام مصطفي ڇڄڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد سنڌ سان محبت ڪندي آهي جنهن ڪري هر سال جيان هن سال به وڏي جوش ۽ جذبي سان ثقافتي پروگرام مشاعرو ڪوٺايو آهي جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري شاعرن شاعري پڙهي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

جڏهن ته اسڪول جي شاگردن قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو پروگرام ۾ خاص مھمانن  اصغر باغي ، عرفان عباسي ، شبير لاکو ،خليل چانڊيو ، فيض جوڻيجو ، غفور ميمڻ ، غني ڪانڌڙو، قلندر بخش ملاح، ذوالفقار کوسو ، اصغر عادل ، سفير جتوئي، علي نواز لنجواڻي، جمشيد زهراڻي، سڪندر اوٺو، عنايت قريشي، جمشيد کوسو، رياض مھدي ، عمير ميمڻ ، عبد ميمڻ، علي بخش نوناري، عبدالڪريم سومرو ، فدا حسين سرڪي ۽ ٻيا هئا جڏهن تہ ملير جي صحافين ۾ ملیر پریس جي صدر مرتضي چانڊيو، حنيف سومرو ، مير ذوالفقار نيشنل پريس ڪلب جي وحيد مراد سيال، رب نواز مستوئي ۽ ملير ويلفئير آرگنائيزيشن جي منظور سولنگي، صحافي فيروز ڪيريو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

نومبر 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو