صفدر علي ڪناسرو ۽ٻِين شخصيتن پاران ادي شبانہ ناز شيخ جي حمايت
هنڱورجا (رپورٽ: صفدر علي سولنگي) هنڱورجا جڏھن اليڪشن جي دوران يا اليڪشن کان پوء عوام کي سٺي نموني سان رليف ناھي ملندو يا سٺي موٽ ناھي ملندي يا ائين چئجي تہ عزت جي بدلي عزت ناھي ملندي تہ عوام جي دل ۾ بغاوت شروع ٿي ويندي آھي
۽ ان عوام کي سٺي ليڊر سٺي چڱي مڙس جي ضروت پوندي آھي ٻئي طرف برادرين جا چڱا مڙس باضمير ماڻھو بہ خاموش ناھن ويھندا اھي بہ اندورني طور پنھنجي ڪم سان لڳي ويندا آھن
ان جو مقصد اھو ھوندو آھي تہ آخر اسان جي برادرين ۽ شھرين ڳوٺاڻن سان ايڏيون ناانصافيون ڇو ٿيون ٿين ۽ موجودہ ھن منافقت واري سياسي وايومنڊل کي ڏسي اسان جي بھترين سوشل ورڪرن پڙھيل لکيل نوجوانن بہ آخر عوام جي ڀلي لاء پنھنجي قد کي اوچو ڪيو آھي جي عوام سان ڀلو ٿي سگھي جيئن تازو ئي اڄ سوڀوديرو جي اڀرندڙ شخصيت ماياناز دل ۾ عوام جو ڏک رکندڙ ڪڏھن ڪڏھن ماني کائيندي جڏھن غريبن جو درد ياد ايندو آھي تہ پنھنجي ماني اڌ ۾ ڇڏي ڏيندي آھي
اھو ان ڪري ان جو خيال ھوندو آھي تہ مان تہ ماني ڊئو تي کائي رھي آھيان ڇا منھنجي شھر جي غريب بي پھچ عوام ماني کاڌي ھوندي بحرحال جي ڊي اي ھائوس سوڀوديرو تي مڙني برادرين جي زيرنگران ادي شبانانہ ناز جي گڏجاڻي ٿي
گذري جنھن ۾ شھر جي معتبر ۽ نامور شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ اسان ان ميٽنگ مان اميد ڪيون ٿا تہ اڳي وانگر ھاڻي ھن شھر سان ۽ شھر وارن سان ناانصافيون نہ ٿينديون ۽ ميٽنگ ۾ موجود شخصيتن ۾ سنڌ جو نامور قانوني شخصيت صفدر علي ڪناسرو. ماھر قانوندان ايڊوڪيٽ عبدالرحيم ڄامڙو .ايورشائن گروپ آف ڪاليجز جي چيف پيٽرن ممتاز علي چنہ. محمد بخش چنہ شھر جي موجودہ حالتن تي ڏک جو اظھار ڪيو ۽ ادي شبانہ ناز شيخ جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
نومبر 27, 2023