گھوٽڪي: سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج پاران برين ، برائون فيوزن فيسٽيول منعقد
گھوٽڪي ( رپورٽ: محمد امین سومرو ) سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي انتظاميا پاران برين ، برائون فيوزن فيسٽيول سائنس ڪارنيوال جي حوالي سان شايان شان بھترين تقريب منعقد ،
تقريب ۾ چيئرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر محمد سليم چيما ، ڪرنل شڪيل چٺا ، سيڪريٽري سونا ويلفيئر ڪرنل عرفان گل ، ڪرنل شجاعت منھاس ، پرنسپل سونا پبلڪ اسڪول ابراھيم لانگراھ ، پي آر او ايف ايف سي امان الله شر ۽ احمد علي سومرو سميت ضلعي گھوٽڪي جي 4 مختلف اسڪولن جي شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ذھني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ،
چيئرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر محمد سليم چيما پاران کٽيندڙ شاگردن ۾ انعام تقسيم ، تفصيل موجب ايف ايف سي انتظاميا جي زير انتظام ھلندڙ گھوٽڪي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر شھر ميرپور ماٿيلو ۾ سٺي ساک رکندڙ تعليمي اداري سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي انتظاميا پاران برين برائون فيوزن فيسٽيول سائنس ڪارنيوال جي حوالي سان بھترين تقريب منعقد ڪئي وئي ،
تقريب ۾ چيئرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر محمد سليم چيما ڪرنل شڪيل چٺا سيڪريٽري سونا ويلفيئر ڪرنل عرفان گل ڪرنل شجاعت منھاس ، پرنسپل سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ابراهيم لانگراھ پي آر او آيف ايف سي امان الله شر ۽ احمد علي سومرو سميت ضلعي گهوٽڪي جي 4 مختلف اسڪولن جي شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
جن ۾ IBA اوٻاوڙو يونيورسٽي آف Kids گھوٽڪي، A& Montessori System ۽ Mari ۽ ماڊل اسڪول جا شاگرد شامل هئا. ان موقعي تي 100 کان وڌيڪ شاگردن پنهنجي سائنسي ۽ ذهني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.
جنھن ۾ IBA، o ٻئي نمبر تي جڏهن ته ٻارن جي يونيورسٽي چيمپيئن رهي تقريب ۾ سونا ويلفيئر سوسائٽي جي چيئرمين برگيڊيئر محمد سليم چيما جو خطاب ڪندي چوڻ ھو ته سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي شاگردن کي تعليمي سھولتن لاء ھر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ ھن وقت به تعليم کي عام ڪرڻ جي سلسلي م پنج سئو جي لڳ ڀڳ شاگردن کي فري تعليم ڏني پئي وڃي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر محمد سليم چيما اعلان ڪيو ته ايندڙ تعليمي سال م گھوٽڪي ضلعي جي ٻين اسڪولن جي شاگردن کي دعوتون ڏنيون وينديون
ء اسڪولن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ چيرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر محمد سليم چيما کٽيندڙ شاگردن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ انعام ورهايا. ۽ انھن جي تعليمي قابليت ۽ سونا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي انتظاميا استادن ۽ شاگردن جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ذھني صلاحيتون ڏسي دل خوش ٿي وئي آهي شاگردن کي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ گھرجي
جيئن ھو مستقبل ۾ اعلي تعليم حاصل ڪري پنھجي ملڪ پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جي خدمت ڪري پاڪستان جو تعليمي حوالي سان سموري دنيا ۾ نالو روشن ڪن ياد رهي ته سونا پبلڪ اسڪول پاران منعقد ڪرايل ان قسم جو شاندار فيسٽيول جي ھي پھرين شايان شان تقريب ھئي جنھن ۾ اسڪولي شاگردن پنھجي ذھني صلاحيت جي حوالي سان منعقد ڪرايل پروگرام م شاگردن جي صلاحيت ڏسي تقريب ۾ شامل معززين جو داد حاصل ڪيو
جڏھن ته ان موقعي تي تقريب ۾ شامل معززين پڻ خطاب ڪندي چيئرمين سونا ويلفيئر سوسائٽي برگيڊيئر محمد سليم چيما جي ڪاوشن جي ساراھ ڪئي.
نومبر 27, 2023