نواب شاھ: ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان انڊس فورم پاران اسڪول ۾  تقريب منعقد

Spread the love

نواب شاھ ( رپورٽ: فداحسين رند) نواب شاھ ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا نوجوان، بزرگن ۽ ٻارڙن جون سنڌي گيتن تي جهمريون، جيئي جيئي سنڌ جي نعرن سان شهر گونجي اٿيو،

سنڌ سان مرڻ گهڙي تائين ساٿ نڀائڻ جا وچن، نواب شاھ ۾ ٽئين ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي اعلان بعد مختلف اسڪولن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻھن پاران تقريبن جو سلسلو جاري آھي،

 ان سلسلي ۾ نواب شاھ ڀرسان ڳوٺ کٻڙ لکمير ۾ اعلانيل 3 ڊسمبر تي اعلانيل  ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور نموني ملھائڻ جي حوالي سان انڊس فورم نواب شاھ پاران ھڪ رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏھن ته تقريب ۾ بشير لکھمير، نويد ڪيريو، مبشير، شيراز احمد ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن قومي گيتن تي جهمريون هنيون،

جڏهن ٻئي پاسي نواب شاھ جي غلام حيدر شاھ ڪالوني ۾ قائم ڊي نيشن پبلڪ اسڪول ۾ رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپل سميع شيخ، فھميدہ سولنگي سميت اسڪولي ٻارڙن ثقافتي ويس وڳا پھري شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ۽ ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، نوابشاھ ڀرسان ڳوٺ مير خان علي محمد مغيري ۾ ميڊيا پاران  ملهائجندڙ ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور نموني ملھائڻ جي حوالي سان مچ ڪچهري  منعقد ڪئي وئي،

جڏھن ته مچ ڪچهري ۾ ننڊي ٻارڙن سميت  مختلف علائقن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، جسقم نواب شاھ پاران ھڪ جاڳرتا گڏجاڻي ڪئي وئي

۽ ثقافتي ڏهاڙي جي سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار آهي، ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان گڏ نوجوان نسل کي ملڪ سان محبت ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي.

نومبر 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو