ميهڙ: پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 10 لک انعام رکيل ڏوهاري مارجي ويو
(ويب ڊيسڪ) ميهڙ ڀرسان راڌڻ ٿاڻي جي حد نئون ڳوٺ روڊ تي پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ مبينا مقالبو ٿيو جنهن ۾ 10 لک انعام رکيل ڏوهاري جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.ايس ايڇ او اي سيڪشن علي اصغر شاهه ٻڌايو تہ راڌڻ ميھڙ ۽ سي آء پوليس روپوش ڏوھارين جي اطلاع تي نئون ڳوٺ روڊ ٻيلي ۾ پھتي ته ڏوھارين سان مقابلو ٿيو جنهن دوران ڏوھاري مارجي ويو. جنهن جي سڃاڻپ ڪيٽي جتوئي واسي جبار چانڊيو طور ٿي آھي.پوليس موجب ڏوھاري وٽان ڪلاشنڪوف ۽ ھڪ موٽرسائيڪل پڻ ھٿ ڪئي وئي آهي مارجي ويل ڏوھاري مٿان 10 لک روپيا انعام رکيل ھو.پوليس جو چوڻ هو ته مارجي ويل ڏوھاري دادو سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڦر، ڌاڙن، قتل سميت 48 ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل هو وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن
نومبر 26, 2023