ڪراچي: ايف او اين ڪمپني جي ملازمن جو ايس ايس پي ڪورنگي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ايف او اين ڪمپني جي ملازمن جو ايس ايس پي ڪورنگي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو، اسان جي ڪمپني ايف بي آر ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهي
اسان کي فدا پاڪستاني جيان ٻين بليڪ ميلرن کان بچايو وڃي ملازمن جون صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب ايف او اين ڪاسميٽڪ ڪمپني جي مزدورن ايس ايس ڪورنگي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ، ڪمپني جي مزدورن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪمپني هڪ آزاد ڪاروبار ڪمپني آهي جيڪا ايف بي آر ۽ مختلف ادارن وٽ رجسٽرڊ آهي،
ويب چينل وارا اسان کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن ۽ اسان کان ڀتو گهري رهيا آهن فون ڪمپني تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، ملازمن مطالبو ڪيو ته اسان کي فدا پاڪستاني جيان بليڪ ميلرز کان بچايو وڃي ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
نومبر 25, 2023