سيوھڻ: يونين ڪائونسل ٽلٽي ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل
سيوھڻ تعلقه (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل ٽلٽي جي شھر ٽلٽي جي مين پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي، شاگرد سردي دوران ٻاهر ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور، ضلع ڄامشورو جي تعليم کاتي ۽ تعلقه انتظاميه تعليم کاتي سيوھڻ جا عملدار اگھور ننڊ ۾ ستل،
ھن سردي جي موسم ۾ اسڪول جا ٻارڙا ھن ٿڌ دوران کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور،گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽلٽي جي بلڊنگ ڪيترا سال پراڻي آهي،
زبون حالي سبب روزانو ڇت جا چاپڙ ڪرن ٿا،استادن توڙي والدين پاران نشاندهي ڪرڻ باوجود تعليم کاتي جي ضلع ڄامشورو جي عملدارن ھن بلڊنگ طرف ڪوبه ڌيان نہ ڏنو، شاگردن جون زندگيون داء تي لڳل، ھن اسڪول جا معصوم ٻارڙا خوف سبب ڪلاس رومن ۾ تعليم
پرائڻ لاء ڪلاسن ۾ اندر ويھڻ لاء تيار ئي نه آھن، ان جي ڪري اھي معصوم ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، تعليم کاتي جي صوبائي نگران وزير تعليم سنڌ ۽ نگران وڏو وزير کي گھرجي ته ھن معاملي جو نوٽيس وٺي،
ٽلٽي شھر جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي ڏيئڻ گھرجي ، ته جيئن ٽلٽي شھر جا معصوم ٻارڙا صحيح نموني اسڪول جي بلڊنگ ۾ تعليم پرائي سگھن.
نومبر 25, 2023