روهڙي: سينٽرل جيل ويجهو ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور مارجي ويو

Spread the love

روھڙي (رپورٽ:علي خان چنجڻ) روهڙي سينٽرل جيل ويجهو ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور مارجي ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي تفصيل موجب روهڙي سينٽرل جيل روڊ ليفٽ بئراج چوڪي وٽ اڻڄاتل هٿياربندن پاران ٽرالر کي ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي27 ورهين جو ٽرالر ڊرائيور انيس احمد جيڪو رحيم يار خان واسي ٻڌايو پيو وڃي

 جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ ٽرالر پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇديو هوڏانهن روهڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سکر سول اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.

نومبر 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو