نوابشاهه : سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتار جي عرس جون تقريبون منعقد

Spread the love

نوابشاهه ( رپورٽ: فداحسين رند) سنڌ جي مشهور بزرگ سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتار جي 752 ھين سالياني عرس مبارڪ جون ٽن ڏينھن واريون سرڪاري تقريبون

 پنھنجي پڄاڻي تي پهتيون عرس جي آخري ڏينھن تي ضلع انتظاميه شھيد بينظيرآباد ۽ ثقافت کاتي پاران سگھڙ ڪانفرنس ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد زاھد حسين رند ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ڪيپٽن (ر) حيدر رضا مھمان خاص طور شرڪت ڪئي

 صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ سنڌ جي مشھور فنڪارن ديبا سحر، فرزانه بھار، عطا الله نيازي جي شاگرد ناصر عطاءُ الله، اياز سمون، علي حسن خاصخيلي ۽ قاضي احمد سان تعلق رکندڙ صوفي فنڪارن ڪامران ۽ رضوان چانڊيو صوفي ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو جڏھن تہ سگهڙ علي گل ڀٽي ۽ ٻين نڙ بيت ٻڌائي خوب داد پڻ حاصل ڪيو

 صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ٽو شھيد بينظيرآباد ڊويزن احمد علي سومرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد دلشاد احمد عمراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ رافيعہ ناز، درگاهه جو سجاده نشين فقير نويد حسين وسطڙو سميت مختلف کاتن جي آفيسرن،زائرين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

نومبر 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو