پاڪستاني انفلوئنسر مريم نسيم هٿان بواءِ فرينڊ اسلام قبولي ورتو

Spread the love

پاڪستاني انفلوئنسر مريم نسيم جي بواءِ فرينڊ ڪين سندس هٿان اسلام قبولي ورتو.
مريم نسيم خوشي جي خبر کي هڪ وڊيو سان گڏ انسٽاگرام تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ کي ڪلمو پڙهائي رهي آهي.
پوسٽ سان گڏ ڪيپشن ۾ اڳوڻي پاڪستاني ايٿليٽ لکيو ته مان ڪلمو پڙهائڻ جي ذميواري پنهنجي والد کي ڏيڻ چاهي پر هن اصرار ڪيو ته هي اهم ڪم مريم کي پاڻ ڪرڻ گهرجي.
مريم نسيم موجب ان لاءِ هڪ مختصر تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ويجها مٽ مائٽ ۽ دوست شريڪ ٿيا.
هن مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي دين تي هلڻ لاءِ سندس فيملي ۽ ڪين کي پنهنجي دعائن ۾ خاص طور ياد رکن.
واضح رهي ته پشاور سان واسطو رکندڙ مريم نسيم آسٽريليا ۾ پاور لفٽنگ جي مقابلي ۾ چاندي جو ٻلو کٽيو هو.

نومبر 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو