دنيا وارا ٻڌي ڇڏين، منهنجي شادي ٿيل آهي: سلمان خان جو وڏو اعلان

Spread the love

هونئن ته باليووڊ تي مختلف اداڪارن جو راڄ رهيو آهي پر ڀارتي شوبز دنيا ۾ سلمان خان جهڙي حڪومت ڪنهن نه ڪئي هوندي،

ڀارت ۾ اهو عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته سلمان خان جو جنهن ۾ هٿ پيو ته ان جي اڏام آسمانن تائين ٿي ويندي آهي جڏهن ته آسمانن تي پهتل ماڻهو جيڪڏهن سلمان خان سان ڦٽائي ته هو ڪٿان جو نه رهندو،

ان حوالي سان ڪڏهن به سڌيءَ ريت سلمان خان جي مداخلت ته ثابت ناهي ٿي تنهن هوندي به اهڙا ڪيترائي اداڪار آهن جن ساڻس ڦٽايو ۽ سندن ڪيريئر کي اڻڄاتل مدي تائين بريڪ لڳي وئي جڏهن ته شاهه رخ خان جهڙي جڳ مشهور اداڪار موجب به ته هن جي ڪاميابي جو راز سلمان خان جو گهر آهي،

نه رڳو شاهه رخ خان پر سلمان خان جي مدد ۽ سهاري جي ڪري وڏين منزلن تي پهتل اداڪارن توڙي اداڪارائن جي وڏي فهرست آهي.

نومبر 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو