ڊپريشن دين کان دوري نه پر بيماري آهي:زارا نور عباس
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري پاڪستاني اداڪارا زارا نور عباس چيو آهي ته ذهني مرضن جهڙوڪ ڊپريشن وغيرا جو سبب دين کان دوري کي نه سمجهڻ گھرجي پر اهو به ٻين جسماني بيمارين جيان هڪ مرض آهي.انسٽاگرام تي پنهنجي اسٽوري ۾ زارا نور عباس مولانا طارق جميل جي پٽ عاصم جميل جي پاڻ کي گولي هڻي زندگي جو خاتمو ڪرڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم لاءِ دعا ڪئي.هن انسٽاگرام اسٽوري ۾ شڪايت ڪئي ته معاشري ۾ ڊپريشن کي دين کان دوري سمجهيو ويندو آهي. ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿيڻ جو سبب مذهب سان لاتعلقي کي چيو ويندو آهي پر مولانا صاحب جو گھراڻو مذهبي ۽ عزت جي قابل گهراڻو آهي.اداڪارا لکيو ته مذهب جي ايترو ويجهو هجڻ باوجود عاصم جميل جي ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا هجڻ سان ماڻهن جي اها غلط فهمي ختم ٿيڻ گھرجي ته ڊپريشن مذهب کان دوري جو نتيجو نه آهي.هن درخواست ڪئي ته سڀ ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ته ڊپريشن به هڪ بيماري آهي ۽ اهڙن مريضن سان همدردي ڪريو ۽ انهن تي ڌيان ڏيو ته جيئن اهي پنهنجي مرض مان نڪري سگھن.
نومبر 1, 2023