گهوٽڪي ۾ مسلم ليگ (ن) پاران موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي
گهوٽڪي ( رپورٽ: محمد امین سومرو ) ميان نواز شريف جي وطن واپسي جي خوشي جي موقعي تي ميرپور ماٿيلو ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران موٽر سائيڪل ريلي، نواز شريف جي حمايت ۾ نعريبازي، نواز شريف ئي ملڪ کي بحران ۾ ڪڍي سگهي ٿو، هن مهل مهنگائي عروج تي آهي، غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن،
نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ڊاڪٽر درشن لعل، تفصيل موجب ميان نواز شريف جي وطن واپسي جي خوشي جي موقعي تي ميرپور ماٿيلو ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي،
۽ ميان نواز شريف جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي، ريلي اقبال پيٽرول پمپ کان نڪتي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڀٽائي چوڪ پهتي جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ريلي جي اڳواڻي اڳوڻي ايم اين اي پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ ڊاڪٽر درشن لعل ڪئي،
ان موقعي تي ڊاڪٽر درشن لعل، ميان رحمت الله، دين محمد لاشاري، زڪريا سومرو، علي اصغر ملهڻ ۽ ٻين چيو ته اسان شڪر گزار آهيون سڀني معززين جا جن هيڏي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميان محمد نواز شريف سان محبت ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏنو ۽ انشاء الله ميان نواز شريف چوٿون دفعو ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ۽ 2013 کان پهريان به ٺيڪ ملڪ جي اڄ واري حالت هئي،
بد امني چوٽ چڙھيل هئي، هر طرف مارا ماري هئي، روزانہ خود ڪش حملا ٿيندا هئا ڌاڙا ڦرون ناحق خونا ريزي روز جو معمول هو بجلي جي 18-18 گهنٽا لوڊ شيڊنگ بلڪه بجلي نا هجڻ جي برابر هئي ريلوي ۽ پي آءِ اي بند ٿيڻ جي قريب هئا، ميان محمد نوازشريف جي حڪومت ايندي ئي هر شئي پنهنجي معمول تي اچي وئي هئي ميان محمد نوازشريف جي حڪومت ۾ تيل پيٽرول 67 رپيا ليٽر ملي رهيو هو، يوريا کاڌ 1300 سئو روپيا ٻوري ملي رهي هئي ڊالر 97 رپيا هو،
خوردني اشياء جي ريٽن تي ڪنٽرول ٿي چڪو هيو ۽ بهترين وزيراعظم کي زبردستي هٽائي ملڪ کي واڳن جي وات ۾ ڏنو ويو ۽ ملڪ جي اڄ 2013 جي پهريان واري حالت کان به وڌيڪ حالت خراب آهي، انشاءالله ميان محمد نوازشريف ملڪ جو چوٿون دفعو وزيراعظم ٿيندو ۽ ملڪ کي هن مشڪل حالات مان ڪڍندو ۽ ماڻهن جي محبت ميان محمد نواز شريف سان جيڪي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته انشاءالله 21 تاريخ تي مينار پاڪستان ته ڇا پر سڄو لاهور ئي جلسي گاه هوندو هر طرف ميان محمد نوازشريف جي آجيان لاء ماڻهو ئي ماڻهو هوندا،
هنن وڌيڪ چيو ته ميان نواز شريف ئي ملڪ کي بحران ۾ ڪڍي سگهي ٿو، هن مهل پوري ملڪ ۾ ايتري ته مهنگائي ٿي آهي، جو غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهن، هنن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو.
آڪٽوبر 17, 2023