رليز جي 10 ڏينهن کانپوءِ ئي ”جوان“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمساز ايٽلي پنهنجي فلم جوان جي ڪاميابي کانپوءِ ان جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فلم جوان جي رليز کي 10 ڏينهن مس ٿيا آهن ۽ هڪ اندازي موجب ان هيل تائين 400 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ورتو آهي.
فلم جي شاندار ڪاميابي کي ڏسندي فلمساز ايتلي به خوشي آهي ۽ هن سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ايٽلي چيو ته ڪردار وڪرم واٺوڙ منهنجو هيرو آهي، ان ڪردار سان گڏ فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جو خواهشمند آهيان. واضح رهي ته فلم جوان ۾ شاهه رخ خان وڪرم راٺوڙ جو ڪردار نڀايو آهي.

سيپٽمبر 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو