ڏوڪري ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران احتجاج
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو، قومي ڪارڪن افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي،عريز احمد جويو، روهت ڪمار، نياز محمد سنڌي، عرفان ڀنڊ، طفيل احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ڪارڪن افضل لنڊ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪري قومي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي،
سنڌي قوم متحد آهي ۽ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير قومي ڪارڪن افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
سيپٽمبر 12, 2023