ماءُ فيصلو نه ڪري ها ته دنيا ۾ نه هجان ها، شلپا جو انڪشاف

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا شلپا شيٽي انڪشاف ڪيوآهي ته منهنجي ماءُ کي ڊاڪٽرن مون کي ”ابارشن“ ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.
هڪ تازي انٽرويو ۾ ادڪارا ٻڌايو ته هن جي ماءُ جو حمل گھڻو پيچيدا ٿي ويو هو ۽ کيس ڊپ هو ته حمل زيان ٿي ويندو.
اداڪارا موجب ڊاڪٽرن جو خيال هو ته اداڪارا جي ماءُ جو مس ڪيرج ٿي ويندو ڇو جو هن جي ماءُ کي گھڻي بليڊنگ ٿي رهي هئي پر ان جي باوجود اداڪارا جي پيدائش ٿي.
شلپا شيٽي موجب هوءَ ان پيچيدا حمل ۾ به سروائيو ڪري وئي ۽ هن کي خيال ايندو آهي ته هن جي بچڻ جو ضرور ڪو مقصد هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ متان ماڻهن جي حوصلا افزائي لاءِ موجود آهي ته جيئن ڏکيو وقت سولائي سان گذري وڃي.

سيپٽمبر 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو