فحش ڊانس ڪرڻ تي چئن اسٽيج اداڪارائن تي پابندي
لاهور (ويب ڊيسڪ) فحش ڊانس ڪرڻ ۽ فحاشي پکيڙڻ تي 4 اسٽيج اداڪارائن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي گهرو کاتي 4 رقاصائن جي اسٽيج ڊانس تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ڊانسر صبا گل ۽ جيا بٽ تي 30 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڊانسر ناياب خان تي 90 ڏينهن پابندي هوندي، جڏهن ته ايان اختر 21 ڏينهن لاءِ پرفارم نه ڪري سگهندي.
