ڀارتي اداڪارا جو گھر مان لاش هٿ

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ٻي اداڪارا جي موت جي خبر سامهون اچي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب مليالم اداڪارا اپرنا نائر جو لاش سندس گھر مان هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اداڪارا جو لاش سندس ڪمري جي پکي سان ٽنگيل هو. اداڪارا اپرنا نائر بابت اطلاع مقامي اسپتال جي انتظاميا ڏنو جتي سندس لاش آندو ويو هو. اپرنا نائر ان گھر ۾ پنهنجي مڙس ۽ ٻن ٻارن سان گڏ رهندي هئي. اداڪارا ڪجهه ماليالم فلمن ۽ مختلف سيريلز ۾ اداڪارا جا جوهر ڏيکاريا هئا.

پوليس موجب اپرنا نائر جي مبينا آپگهات جو سبب گھريلو مسئلا ٿي سگھن ٿا.
اداڪارا جي غير طبعي موت جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سيپٽمبر 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو