شاهه رخ خان جي گھر جي سيڪيورٽي اوچتو وڌائي وئي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي گھر منت جي سامهون احتجاجي مظاهري سبب سيڪيورٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.ميڊيا رپورٽس موجب شاهه رخ خان کي اي 23 گيمز پليٽ فارم جو ايمبيسيڊر بڻايو ويو آهي ۽ تازو ئي هو ان جي اشتهار ۾ به نظر آيو. هن پروموشن شوٽ ڪرايو جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ”اچو ته گڏ کيڏون“.ان جي خلاف انٽج يوٿ فائونڊيشن طرفان منت جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فائونڊيشن جو چوڻ هو ته اهو پليٽ فارم نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ شاهه رخ خان ان جو حصو بڻجي ويو آهي.فائونڊيشن جو چوڻ هو ته ان اشتهار ۾ مشهور اداڪار ۽ اداڪارائون ڪم ڪنديون آهن ۽ اهي معاشري کي گمراهه ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.

آگسٽ 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو