سڏ ٿي ويو، عمري تي پئي وڃان: راکي ساونت

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن عمري تي وڃن جو پيغام ڏنو آهي.

ڀارتي سوشل ميڊيا پيجز تي راکي ساونت جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ راکي ٻڌايو ته آئون گھڻي خوش نصيب آهيان آئون اڄ پهريون ڀيرو عمري تي وڃي رهي آهيان، سڏ ٿي ويو آهي، آئون گھڻي خوش آهيان.

وڊيو ۾ راکي ساونت پنهنجن مداحن کي دعائن ۾ ياد رکڻ جي درخواست ڪندي چيو ته آئون به اوهان سڀني کي دعائن ۾ ياد رکنديس.

آگسٽ 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو