چوٽياريون : صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  صحافي برادري پاران احتجاج

Spread the love

چوٽياريون رپورٽ : علي گل منڱريو)   سکر ۾ شھيد ٿيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاء چوٽياريون ۾ صحافي برادري پاران احتجاج ڪيو ويو

سخت نعري بازي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو   چوٽياريون جي صحافين علي اڪبر جوڻيجو دوست علي ڪيريو لالا نعيم ڪيريو واحد بخش راڄڙ سيد علي غلام شاھ خميسو راڄڙ استاد حيات خاصخيلي روشن جانوري  اعجاز شر محمد عثمان عرف لکاپتي راڄڙ اي ڊي ڪنڀر ۽ وجي ڪمار جي اڳواڻي ۾ چوٽياريون شھر جي صحافين ۽ چوٽياريون جي سماجي اڳواڻن ۽ انساني حقوق جي ورڪرن طرفان ڪيل احتجاج دوران اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سڄي سنڌ ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي حق سچ لکڻ جي ڪري ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي

۽ شھيد صحافي جان محمد مهر جو قتل به انهيء سلسلي جي ڪڙي آھي شھيد صحافي جان محمد مهر هميشه حق سچ جي صحافت ڪئي

 سندن قتل جي واقعو آزاد صحافت تي وار آھي هنن وڌيڪ چيو ته اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿا ڪريون ته شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي

ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو احتجاج ۾ چوٽياريون پريس ڪلب چوٽياريون ميڊيا سينٽر سميت چوٽياريون سان تعلق رکندڙ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن توڙي انساني حقوق جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

آگسٽ 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو