مشهور پاڪستاني گلوڪار لاڏاڻو ڪري ويو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميوزڪ آئيڪون وِنر، لڪس ميوزڪ ايوارڊ يافتا، ميڪال حسن بينڊ جو اڳوڻو گلوڪار ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو 6 ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندڙ مشهور گلوڪار اسد عباس لاڏاڻو ڪري ويو.

ستيانا ضلعي سان واسطو رکندڙ پاڪستان گلوڪار اسد عباس جي لاڏاڻي جي تصديق سندس ڀاءُ حيدر عباس ڪئي آهي.

اسد ڪيتري عرصي کان بُڪين جي عارضي ۾ مبتلا هو پر گذريل رات اسد عباس جي طبيعت گھڻي خراب ٿي هئي جنهن کان پوءِ هو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

آگسٽ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو