صرحا اصغر سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار آزاد ڇو ٿيو؟

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊرامن جي مشهور اداڪارا صرحا اصغر طرفان هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ 2 آگسٽ تي ڪراچي جي شارع فيصل ٿاڻي تي عسڪري 4 جي رهواسي عاصم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي.

اداڪارا عاصم نالي شخص تي الزام لڳايو هو ته ان مارڪيٽ کان گھر واپس ايندي نه رڳو سندس پيڇو ڪيو پر کيس پٺيان سڏيندو به رهيو. ايتري تائين جو اهو شخص هن جي گھر تائين پهتو.

اداڪارا جڏهن خطرو محسوس ڪندي گھر جي در تي پهچي بيل وڃائي ته سندس مڙس لالا عمر مرتضيٰ ٻاهر نڪتو جنهن تي عاصم نه رڳو هن سان وڙهڻ لڳو پر گھر ۾ گھڙي جيهڙو به ڪيو جنهن دوران اداڪارا جا لٽا به ڦاٽي پيا.مڙس جو آواز ٻڌي پاڙيسري گڏ ٿي ويا ۽ سڀني گڏجي عاصم کي پڪڙي ورتو.

ايس ايڇ او شاهراهه فيصل موجب صرحا پنهنجي مڙس عمر مرتضيٰ ۽ ٻين گھرڀاتين سان گڏ جوابدار عاصم کي وٺي پاڻ ٿاڻي آيا ۽ ڪيس داخل ڪرايو هو. پر شاهراهه فيصل جي انسپيڪٽر جاويد ٻٻر جو چوڻ هو ته جوابدار کي پوليس حوالي ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ کان پوءِ صرحا ۽ سندس مڙس ڪڏهن به ٿاڻي تي نه آيا.

ٻي پاسي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته هن پاڻ مٿان لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا جڏهن ته ان موقعي تي به عورت جج جي طلب ڪرڻ باوجود اداڪارا نه ته عدالت ۾ پيش ٿي ۽ نه ئي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته فريادي جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب عدالت به جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

آگسٽ 12, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو