”ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن جو دل چوندي آهي اڄ ئي شادي ڪريان“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو شروع ٿيل ڊرامي مائي ري ۾ عيني جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا عينا آصف جو چوڻ آهي ته ڪجهه ماڻهو شادي کي خراب شئي ڪري پيش ڪندا آهن جڏهن ته ڪجهه شادي جو اهڙو تصور پيش ڪندا آهن جو دل چوندي آهي ته اڄ ئي شادي ڪري ڇڏجي.
هن چيو ته جيئن ته سندس ڪنهن دوست جي ڪڏهن ننڍي عمر ۾ شادي ناهي ٿي، ان لاءِ کيس اهو معاملو ايڏو اهم نه لڳندو هو پر ڊرامي ۾ ان حوالي سان ڪم ڪري کيس ننڍي عمر جي شادين جي خبر پئي ته اهو غلط ڇو آهي.
هن چيو ته هو ننڍي عمر جي آهي ۽ اڃا اسڪول پڙهي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ان ئي عمر ۾ شادي ڪرائي وڃي ته هو تعليم حاصل نه ڪري سگهندي ۽ نه ئي موبائيل هلائڻ جي اجازت هوندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون نه هونديون جيڪي مان اڄ ڪري رهي آهيان.
عينا آصف موجب پهريان هو ننڍي عمر جي شادي جي مسئلن تي ڌيان نه ڏيندي هئي پر ڊرامي ڌيان ڏياريو آهي.
هن چيو ته هو شادي جي خلاف نه آهي پر جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري 18 سالن جا آهن ته انهن کي ٻار نٿو چئي سگهجي.
14 يا 16 سالن جي فردن کي ٻار چئي سگهجي ٿو، چائلڊ ميريج انهن کي چئي سگهبو.
آگسٽ 10, 2023