مِينهن ۾ ڀِڄڻ بدران پري کان بيهي ڏسڻ پسند آهي: سني ليون
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪارا سني ليون چيو آهي ته تازو چوماسي برساتن ۾ منهنجون ٽي لگزري گاڏيون تباهه ٿي ويون.
هڪ انٽرويو دوران سني ليون ٻڌايو ته گاڏين جي تباهي ۾ مان روئي ڏنو، ڇو ته ڀارت ۾ گاڏيون درآمد ڪرڻ تي وڏو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي.
هن ٻڌايو ته تباهه ٿيندڙ گاڏين ۾ هڪ مرسڊيز به هئي، جنهن سبب مان تمام گهڻي اداس هيس پر هاڻ مان مقامي طور تيار ڪيل هڪ ڊبل ڪيبن خريدي آهي، جيڪا چوماسي لاءِ ئي آهي.
سندس موجب مان ڀارت ۾ پهريون ڀيرو آيس ته خبر نه هئي ايڏو مينهن به وسي سگهي ٿو، مان ممبئي ۾ سمنڊ ڀرسان ترسيل هيس، گهر جي پتين مان پاڻي ٽِمي رهيو هو.
سني ليون وڌيڪ چيو ته اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ باوجود مون کي چوماسي سيزن تمام گهڻو پسند آهي، هيءَ منهنجي پسنديده ترين موسم آهي، مون کي برسات ۾ ڀِڄڻ کان وڌيڪ ان کي پري کان ڏسڻ پسند آهي.
آگسٽ 9, 2023