ڪراچي : عمران خان جي گرفتاري خلاف تحريڪ انصاف لائرز فورم پاران احتجاج

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) عمران خان جي گرفتاري خلاف تحريڪ انصاف لائرز فورم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو پر امن احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ پي ٽي آئي لائرز فورم ڪراچي آرگنائزر ظہور مسعود، جنرل سيڪريٽري رحمان، ايڊووڪيٽ زاھدہ ڪمال ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان خلاف آيل فيصلو ھڪ سياسي تنظيم جو من پسند فيصلو آھي

 ان جج خلاف عمران خان پھرين ئي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪو ھو اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته عمران خان. کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ ھن فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

آگسٽ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو