ڏوڪري: بين الاقومي ڪاروباري ماهر ترڪي جي ابراهيم ونود ۽ ٻين مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) بين الاقومي ڪاروباري ماهر ترڪي جي ابراهيم ونود، ڪاروباري ماهر ۽ ڊائريڪٽر سيد فرمان شاھ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪوآرڊينيٽر عبدالحفيظ، پ پ تعلقي انفارمیشن سيڪريٽري ۽ يوسي ڪاراڻي چيئرمين ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو پاران يونين ڪائونسل ڪاراڻي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو.

دوري دوران لائيو اسٽاڪ، دستڪاري، زرعي فصل جهڙوڪ تر، ڪڻڪ، ووڻن، مڪي، جوئر سميت مختلف واپار ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو.

جڏهن ته  مقامي آمدني جي ذريعن بابت بنياد مسئلا حل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو جو چوڻ هو ته اميد ته اهي بين الاقوامي ڪمپنيون ڀرپاسي جي ماڻهن لاءِ ڪارگر ثابت ٿينديون.

آگسٽ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو