ملير: شاه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ غيرقانوني ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل جي گودام جو انڪشاف

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير جي شاه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ غيرقانوني ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل جو گودام قائم ، ٽينڪرن ، سوزڪين ۽ ٻين گاڏين ذريعي گودامن ۾ ڌم ، جنهن بعد مختلف هنڌن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ،پوليس ساٿاري بڻيل تفصيل موجب ملير جي شاه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ غيرقانوني ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل جو گودام قائم ، ٽينڪرن ، سوزڪين ۽ ٻين گاڏين ذريعي گودامن ۾ ڌم ، جنهن بعد مختلف هنڌن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

 ان سلسلي ۾ ذريعن ٻڌايو آھي ته ملير ضلعي جي مختلف ٿاڻي شاه لطيف ،بن قاسم ، اسٽيل ٽائون ، ميمڻ ڳوٺ ،گڏاپ ۽ ٻين ٿاڻن جي حدن ۾ وڏي پيماني تي سوزڪين ،شهزور ذريعي ۽ ٽينڪرن ذريعي ايراني پيٽرول ۽  ذيزل جي غير قانوني قائم گودامن تي پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي

بااثر ڊيلر پنهنجيون ايجسيون قائم ڪري ڇڏيون آھن جتان روزانو ڪروڙين روپين جو غيرقانوني تيل جي خريد ۽ وڪرو ڪيو وڃي

 ٿو مقامي پوليس ڳري رشوت عيوض اکيون پوري ڇڏيون روانو پوليس لکين روپيا اوڳاڙي ٿي جنهن بعد خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي آئي جي سنڌ پوليس ۽ قانون ڪندڙ ادارا تحرڪ وٺن.

آگسٽ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو