سکر: ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران سياسي ڀرتين خلاف احتجاج
سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جي انتظامن ھيٺ ڊپارٽمينٽ ۾ سياسي ڀرتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر بئراج کان چيف انجنيئر آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ چيف انجنيئر جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.
جنهن دوران ٽريفڪ جي آمد و رفت معطل ٿي وئي، جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي هٿن ۾ يونين جا جهنڊا، لکيل پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا هئا، ريلي جي اڳواڻي عبدالرحمان ڀارو، اقبال لاڙڪ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 6 جون تي ڪراچي ۾ ٿيل احتجاجي ڌرڻي ۾ معاهدو ڪيو ويو هو ته ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون ۽ ملازمن جي ڀرتي ڪوٽا تي ڪئي ويندي، پر بدقسمتي سان کاتي پنهنجو واعدو وفا نه ڪيو آهي.
سياسي بنيادن تي ڀرتيون شروع ڪري ميرٽ ۽ ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، پر اعليٰ اختياريون خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جنهن سبب شهرين ۾ خوف جي لهر پکڙجي وئي آهي.
ملازمن چيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ آفيسرن تي عائد ٿيندي.
آگسٽ 9, 2023