سکر انتظاميا جي نااهلي. ڳوٺاڻن سنڌو درياهه جي ڪناري تي جھوپڙيون ٺاھيون

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) آبپاشي کاتي ۽ سکر انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌو درياهه جي ڪناري تي جھوپڙيون ٺاهي رهائش اختيار ڪري ورتي آهي.

 سکر ۽ روهڙي درياءَ جي ٻنهي پاسن تي ڪچي گهرن جي اڏاوت شروع ٿي وئي آهي، جنهن ڪري لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان بڻجي رهيا آهن، واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ سنڌ حڪومت ۽ سکر انتظاميه پاران سنڌو درياھ جي ڪپن تان ڇڏيا ھئا.

ٻوڏ جي امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي ماڻهن جي جان بچائڻ لاءِ درياهه جي بندن کي مضبوط ڪيو ويو، سنڌو درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ هزارين خاندانن کي سکر جي واهن جي اڏاوت لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ کين روهڙي ڀرسان هڪ پلاٽ ڏنو ويو.

پر پلاٽ ۽ معاوضو ملڻ باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر ڳوٺاڻا سنڌو درياهه جي ڪنارن ڏانهن هليا ويا، باخبر ذريعن موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن، آبپاشي کاتي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي به مهيني اندر رشوت ڏني پئي وڃي،

 هنن لاڳاپيل کاتن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

آگسٽ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو