2023 چونڊن جو سال ناهي، نگران وزيراعظم جو نالو اڄ فائنل ٿي ويندو: راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ نالو اڄ شام يا سڀاڻي تائين فائنل ٿي ويندو، جڏهن ته 2023 چونڊن جو سال نه آهي.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته 2017ع ۾ جيڪا آدشماري ٿي ان تي ٻي اليڪشن نٿي ٿي سگهي، آئين ۾ لکيل آهي ته آدشماري بعد تڪبنديون ضروري آهن.

هن چيو ته نگران حڪومت آئيني گهرجن کي پورو ڪندي تڪبنديون ڪرائيندي، تڪبندين ۾ اٽڪل هڪ سئو ويهه ڏينهن لڳندا آهن، عام چونڊن ۾ ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي پر، 9 مهينن جيترو ڊگهو وقت نه لڳندو.

گهرو وزير  چيو ته  ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم لاءِ ڪامران ٽسوري جو  نالو ڏنو آهي، پيپلزپارٽي به هڪ ٻه نالا ڏيندي، مولانا فضل الرحمان سمورا اختيار وزيراعظم کي ڏنا آهن.

هن چيو ته حفيظ شيخ يا ٻين نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، اڃا تائين ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته  آدمشماري جي منظوري کانپوءِ تڪبنديون ضروري آهن، ڊسمبر تائين تڪبندين جو عمل مڪمل ٿيڻ گھرجي جيڪڏهن تڪبنديون ٿيون ته فيبروري جي آخري يا مارچ جي پهرين هفتي ۾ چونڊون ٿينديون.

هن چيو ته  آرمي چيف جو دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ وارو پيغام صحيح آهي، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پاليسي اڄ جي نه پر ماضي جي آهي، گذريل سال دهشتگردن سان ڪيل ڳالهين جو ڪو به نتيجو نه نڪتو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس  پاليسي آهي، پاڪ فوج جا جوان شهادتون قبول ڪري رهيا آهن، دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي يو آءِ جي جلسي ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جو وڏو نقصان ٿيو، اِهي شيون هلنديون، اهڙا واقعا چونڊن تي اثر انداز نه ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته پوري قوم آرمي چيف سان گڏ بيٺي آهي، هڪ پاڙيسري مُلڪ مان ماڻهو اچي جيڪو ڪري رهيا آهن اِهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج آئي ڏينهن آپريشن ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

راڻا ثناءَ الله کان سوال ڪيو ويو ته ڇا 2023ع چونڊن جو سال آهي؟ ان تي هن جواب ڏيندي چيو ته ان جو سڌو جواب آهي نه.

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو