گھوٽڪي: اخباري هاڪر  جي گهر تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) اخباري هاڪر  اصغر علي ميراڻي جي گهر تي مبينا قبضي جي ڪوشش، مزاحمت تي سندس پٽ زخمي، اخباري هاڪر جو احتجاج تفصيل موجب ميرپورماٿيلو جي اخباري هاڪر اصغر علي ميراڻي جي گهر تي سندس ئي سالن پاران مبينا قبضي جي ڪوشش مزاحمت تي سندس گهر واري ۽ پٽ تي تشدد ڪيو آهي،

 ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندي مائي فرزانه ميراڻي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجا ڀائر نورمحمد ۽ جاويد ميراڻي گهڻي وقت کان اسان کي گهر خالي ڪرڻ لاء حراسان پيا ڪن اڄ جاويد ميراڻي شراب جي نشي ۾ داخل ٿي مون تي ۽ منهنجي پٽ اڪبر تي تشدد ڪيو

جنهن ۾ اڪبر زخمي ٿي پيو آهي جنهن جي اين سي سرحد ٿاڻي تي  داخل ڪرائي آهي پر هن مهل تائين جوابدار گرفتار ناهي ٿيو

هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو  ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو،

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو