ڇا جو ڪم وڃو وڃي رجني ڪانت جي فلم ڏسو، عام موڪل جو اعلان
چنائي ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي ميگا اسٽار رجني ڪانت جي نئين فلم جي رليز جي موقعي تي تامل ناڊو ۽ ڪرناٽِڪ ۾ ڪجهه ڪمپنين عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ميگا اسٽار رجني ڪانت جي فلم ” جيلر “ ڏهه آگسٽ تي رليز ٿيندي، ان سلسلي ۾ ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۽ تامل ناڊو ۾ ڪجهه ڪمپنين جي ملازمن طرفان وڏي انگ ۾ فلم جي رليز واري ڏينهن موڪل جي درخواست ڏني وئي آهي.
موڪل جي غيرمعمولي درخواستن کي نظر ۾ رکندي ٻن وڏين ڪمپنين موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڏهه آگسٽ تي مختلف شهرن ۾ انهن ڪمپنين جون آفيسون بند رهنديون.
ميڊيا رپورٽن موجب، رجني ڪانت جي ايندڙ فلم ڏسڻ لاءِ سريلنڪا مان ٻه شهري فرسٽ شو جو ٽڪيٽون بُڪ ڪرائي ورتيون آهن.
رجني ڪانت جي فلم ” جيلر “ جو ٽريلر پهريان ئي سوشل ميڊيا تي هٽ ٿي ويو آهي، فلم جي ڪاسٽ ۾ رجني ڪانت کانسواءِ اداڪار جيڪي شروف ۽ تمنا ڀاٽيا به شامل آهن.
آگسٽ 8, 2023