چوٽياريون لڳ الخدمت فائونڊيش پاران نلڪا ۽ مڇردانيون ڏنيون ويون
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ويجهو ٽنڊو مٺا خان لڳ ڳوٺ ميھرڀٽ ۾ الخدمت فائونڊيش جماعت اسلامي ضلع سانگهڙ تعلقه کپرو جي صدر جان محمد ڪنڀر ۽ ان جي ٽيم ٽائون ٽنڊو مٺا خان وارڊ نمبر ون لڳ ڳوٺ ميھرڀٽ پھچي ڳوٺاڻن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جو ھينڊ پمپ ڪاميٽي فراهم ڪيو ان سان گڏ غريب مسڪين ماروئڙن کي مڇردانيون ڪپڙا ورھايا ويا
ان تي ڳوٺاڻن ڪامريڊ الھڏنو عرف اي ڊي ڪنڀر حاجي الف الدين ڪنڀر محمد عالم ڪنڀر حاميد لقمان ڪنڀر جاويد عالم ڪنڀر عبدالعزيزالله ڪنڀر ۽ ٻين ڳوٺاڻن الخدمت فائونڊيش جماعت اسلامي جو شڪريو ادا ڪيو
وڌيڪ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيئڻ جو پاڻي ڪافي سالن کان ڪڙو آهي جنهن تي ڪامريڊ اي ڊي جي ڪوشش سان الخدمت فائونڊيش جماعت اسلامي کي اپيل ڪري پيئڻ جو پاڻي صاف سان پنهنجي زندگي بھترين گذاري سگهون
ھنن وڌيڪ چيو اسان پياري ڪامريڊ گڏ الخدمت سان جماعت اسلامي جا ھميشہ جي لاءِ شڪر گذار رھندا سين.
آگسٽ 8, 2023