”ٽَڪر “ جا صحافي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پرڏيهه فرار، عمران جيل حوالي
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ” ٽڪر“ جا صحافي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پرڏيهه فرار ٿي ويا ۽ عمران خان کي ابتا سبتا مشورا ڏئي جيل حوالي ڪرائي ويا.
نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا انتها پسندي جي حد تائين حامي جيڪي عمران خان کي مشورا ڏيندا رهيا ۽ آخرڪار 9 مئي جهڙن واقعن جا ذميوار بڻيا. اهي حالتن جو اندازو ٿيندي ئي واقعن کان اڳ ۽ ڪجهه پوءِ وڏي آرام سان پرڏيهه فرار ٿي ويا. جڏهن ته عمران خان کي اهڙي کڏ ۾ ڌڪي ويا آهن جو هاڻي اڪيلو عمران خان حالتن جي جبر کي ڀوڳيندو.
هوڏانهن نامياري حافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ايندڙ چونڊون جڏهن به ٿين حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته نه صرف عمران خان پر پي ٽي آءِ ۽ ” بيٽ“ جو نشان به چونڊن ۾ نظر نه ايندو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پارٽيءَ جون چونڊون نه ٿيون آهن، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ان بعد چونڊون ڪير ڪرائيندو؟ پارٽي چيئرمين شاهه محمود قريشي هوندو يا ڪو ٻيو ؟ پرويز الاهي جي پارٽي صدارت جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته پارٽي جي منشور ۾ اهڙي عهدي جو ذڪر ئي نه آهي. عمران خان جي گرفتاريءَ بعد ڪور ڪميٽي جو اجلاس ڪٿي ٿيو ڪابه خبر نه آهي.
جڏهن ته پارٽي جي ڪور ڪميٽي اجلاس بابت شاهه ۾محمود قريشي الڳ وڊيو بيان جاري ڪيو، عمر ايوب الڳ ۽ فاروق حسن الڳ بيان ڏئي رهيو آهي. شهباز گل اڳ ئي 9 مئي واقعن جو ٻج ڇٽي چپ چاپ آمريڪا کسڪي ويو.
صحافي معيد پيرزادو،صابر شاڪر، فوج جا (ر) جوان عادل راجا، حيدر مهدي ۽ اهڙا ٻيا ڪجهه نالا آهن جيڪي پرڏيهه ۾ ويهي ٻٽاڪون هڻي رهيا آهن. عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف نه ڪنهن اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪئي نه ئي ڪو پر امن جلوس ڪڍي ان جي اڳواڻي ڪئي.
ان صورتحال کانپوءِ نه پي ٽي آءِ سياست ۾ نظر اچي رهي آهي نه ”بيٽ“ جو چونڊ نشان مستقبل ۾ نظر اچي رهيو آهي. نه ئي پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهڻ وارو ڪو نظر اچي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جڏهن جيل آفيسر کان پڇيو ته ملڪ جون حالتون ڪيئن آهن. ته کيس ٻڌايو ويو ته امن امان آهي اوهان جي گرفتاري خلاف نه ڪو جلوس نڪتو نه مظاهرو ٿيو نه ئي ڪنهن اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪئي.
اهو ٻڌي عمران خان مايوسيءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. سياسي تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته ” پيراشوٽر“ ذريعي نازل ٿيندڙ اڳواڻن ۽ پارٽين جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي جهڙو پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت جو ٿيو آهي، بقول مولانا فضل الرحمان ته سياست ۾ عمران خان غير ضروري عنصر هو جنهن جو هاڻي خاتمو يقيني بڻجي ويو آهي.
آگسٽ 8, 2023