ٺٽو: 526 پي ايس ٽي پاس استادن کي آرڊر ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي
ٺٽو (نظير احمد قريشي) تعليم کاتي پاران ٺٽي ضلعي جي نون 526 پي ايس ٽي پاس استادن کي آرڊر ڏيڻ واري تقريب ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون ۽ ايم پي اي رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي انفارميشن سيڪريٽري سيد محمود عالم شاھ، بخاري، آفتاب سومرو، ڊي اي او پرائمري رحيم سومرو ۽ ٻين پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا.
جنھن تقريب ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، استاد تنظيمن جي اڳواڻن، استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي رياض حسين شاھ شيرازي، عاشق حسين زرداري، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ ٻين چيو تہ پ پ پ ھميشہ عوام جي خدمت ڪري بيروزگار نوجوانن کي روزگار فراھم ڪرائڻ سميت ميرٽ تي ڀرتيون ڪرائڻ سان گڏ ھڪ ھزار کان وڌيڪ آئي بي اي ٽيسٽ ذريعي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي پي ايس ٽي جا آرڊر پڻ ڏنا ويا آھن
۽ جي ايِ ايس ٽي جا پڻ آرڊر ڏنا ويا آھن. ھنن چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ ڪارڪردگي جي بنيادن تي چونڊون کٽي حڪومت ٺاھيندي ۽ ملڪ جي وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو.
آگسٽ 8, 2023