ٺٽو: قتل جي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) ھڪ ھفتو اڳ ڳاڙھو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ زميندار محمد قاسم ميمڻ کي پنھنجي زمين تي ويندي ھٿياربندن کيس گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ھو،

ڳاڙھو پوليس مقتول جي سئوٽ محمد خان ميمڻ جي فرياد تي ڳاڙھو ٿاڻي تي حملي آور 4 جوابدارن علي حسن کوسو، ملوڪ کوسو، عنايت کوسو ۽ علي نواز کوسو تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ھو،

جن مان ڳاڙھو پوليس مک 3 جوابدارن علي حسن کوسو، عنايت کوسو ۽ علي نواز کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آھي،

 جن پوليس وٽ جانچ دوران ڏوھ جو پڻ اعتراف ڪري ورتو اھي، جڏھن ٿہ پوليس رھجي ويل آخري جوابدار ملوڪ کوسو جي گرفتاري لاء بہ ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو اھي.

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو