وڳڻ ۾ احمد پور جي سينيئر صحافي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ ۾ احمد پور جي سينيئر صحافي غلام اصغر کنڊ جي بي رحماڻي قتل خلاف وڳڻ جي قلم ڌڻين محمد بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ صحافين صدر ساجد بلوچ ۔ غلام حسين مغيري ۔خالد حسين مغيري ۔سردار احمد سومرو۔ ضمير حسين چانڊيو ۔امتياز علي خاصخيلي۔ سليم سومرو۔ فتح محمد عباسي ۔غلام اڪبر جتوئي ۔ ۽ سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي اڳواڻن گلاب وڳڻ ، مکڻ اوڏ، حافظ ضمير مغيري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي صدر ساجد بلوچ ۽ محمد بخش خاصخيلي ٻڌايو تـ احمد پور ۾ نجي اخبار جي رپورٽر غلام اصغر کنڊ کي بي گناھ قتل ڪيو ويو آهي
شھيد صحافي جو ڏوھ اھو ھيو جو ھو حق سچ لکندو ھيو جنهن تي شر پسندن حملو ڪري شھيد ڪيو صحافين مٿان قاتلاڻا حملا افسوسناڪ آهن صحافي ھن رياست ۾ غير محفوظ آهن
سنڌ ۾ صحافين مٿان قاتلاڻا حملا ٿي رھيا آهن سينيئر صحافي غلام اصغر کنڊ جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ قاتل گرفتار نـ ٿيڻ تي سنڌ جي صحافين ۾ ڳڻتي واري لھر ڇانيل آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون تـ قاتل گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
آگسٽ 8, 2023