نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس (ر) مقبول باقر جو نالو ٽاپ تي

Spread the love

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اتحادي حڪومت جو آئيني مدو ختم، اڄ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي آخري  خطاب ڪندو ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر کي اماڻي ڇڏيندو، 24 ڪلاڪن ۾ اسيمبلي ختم ٿي ويندي.

سوشل ميڊيا تي اڳ ڪٿيون هلي رهيون آهن ته حفيظ شيخ ۽ جسٽس (ر) مقبول باقر جا نالا نگران وزيراعظم لاءِ نواز شريف کي اماڻيا ويا آهن.

ڪجهه اهم ذريعا ميان محمد سومري جو نالو به نگران وزيراعظم لاءِ وٺي رهيا آهن. اسلام آباد جي حلقن ۾ جسٽس (ر) مقبول باقر جو نالو گهڻو بحث هيٺ آهي.

ان حوالي سان 24 ڪلاڪ اهم آهن ڇو ته ڪنهن نه ڪنهن شخصيت کي نگران وزيراعظم جو قلمدارن سنڀالڻو آهي.

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو