مٽياري: چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي زال ۽ مڙس کي 14/14 سال قيد جي سزا

Spread the love

مٽياري (رپورٽر ) عدالت سڳوري چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي زال ۽ مڙس کي 14/14 سال قيد ۽ 4/4 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، خبر موجب. گذريل ڏينهن مٽياري جي عدالت اٽڪ واسي مسمات بينش اعواڻ ۽ سندس مڙس سجاد تنوير کي 10 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 14/14 سال قيد ۽ 4/4 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،

 مٽياري ٿاڻي تي داخل ٿيل گناهه نمبر 102 نائين سي تحت ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل سيشن جج جي ماڊل ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن دوران ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ مڪمل ٿيڻ بعد عدالت سڳوري فيصلو ٻڌائيندي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي،

ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ مٽياري پوليس قومي شاهراهه تي ڪاروائي ڪندي ٻنهي زال مڙس کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 9 ڪلو 900 گرام چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو