ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ بدامني جي لهر، علائقي واسي پريشان
ملير (ڊر ) ميمڻ ڳوٺ ۾ وڌندڙ بدامني جي لهر، تباهي جي ڪناري تي پهتل سيوريج جي نظام قبرستان جي زمين ۽ ٻين مسئلن جي نشاندهي توڙي انهن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي حوالي سان سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس SDO جي مرڪزي دفتر ميمڻ ڳوٺ ۾ ٿي گذريو
اجلاس ۾ ايس ڊي او جي تنظيمي عهديدارن سپريم ڪونسل جي ميمبرن سميت علائقي جي معززرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، علائقي مسئلن جي نشاندهي ڪندي تجويزون پيش ڪندي مستقبل جي حوالي سان اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا،
اجلاس ۾ سپريم ڪونسل چيئرمين ڪي ڪي ميمڻ ،صدر ايس ڊي او رمضان ميمڻ، چيئرمين سليم ميمڻ وڏيرو منظور احمد ميمڻ مولا بخش ميمڻ حاجي نديم ميمڻ ،سميت ستن پاڙن جي چڱن مڙسن نوجوانن پڻ شرڪت ڪئي،
اجلاس ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيء جو اظهار ڪندي فوري طور تي پوليس جي اعلي انتظاميا سان ملاقات ڪري کين آگاهي ڏيڻ سان گڏ عملي قدم کڻڻ لاءِ زور ڀرڻ تي اتفاق ڪيو ويو
جڏهن ته سيوريج, قبرستان جي زمين توڙي ٻين مسئلن جي حوالي سان لاڳاپيل آفيسرن ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر ملير کي علائقي ۾ کلي ڪچهري ۾ گهرايو ويندو ته جيئن سندن آڏو شڪايتن توڙي انهن جي ازالي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي گهر ڪري سگهجي.
آگسٽ 8, 2023