ليونل ميسي جو آٽوگراف وٺندڙ ٻالو ملازمت تان هٿ ڌوئي ويٺو
آمريڪا ۾ اسٽار فٽبالر ليونل ميسي کان آٽو گراف وٺندڙ ٻالي کي وڏي قيمت چڪائڻي پئجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻالي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيندي ئي ورلڊ چيمپيئن جو نعرو هنيو ۽ آٽو گراف لاءِ ارجنٽائن جي ورلڊ ڪپ فاتح ليونل ميسي ڏانهن پنهنجي شرٽ ڦٽو ڪئي.
ڪلب انتظاميا صورتحال جو نوٽيس وٺندي ٻالي کي فوري طور ملازمت تان هٽائي ڇڏيو.
ٻالي جو چوڻ آهي ته هو انٽر ميامي جي سخت پاليسين ۽ قانون کان واقف هو.
قانون موجب ڪلب جي ملازمن ۽ ٻاهران آيل ملازمن تي پابندي هوندي آهي ته اهي ڪنهن به فٽبالر کي پريشان نه ڪندا ۽ انهن کان ڪنهن به قسم جي تصوير، آٽوگراف وغيرا جو مطالبو نه ڪندا.
سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن ڪلب انتظاميا کي ان قدم تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان ڪارروائي کي سخت قرار ڏنو.
آگسٽ 8, 2023