سکر : ڊيلي ويجرز ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي جي ڊيلي ويجرز جي مرد ۽ عورت ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،
مظاهري ۾ شامل اڳواڻن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسان پنهنجي جانين جي بي پرواھ نه ڪندي مريضن جي خدمت ڪئي آهي. 2019ع ۾ حڪومت اسان کي مستقل بنيادن تي نوڪريون بحال ڪرڻ ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو
پر بدقسمتي سان اهو واعدو وفا نه ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته 2019ع ۾ اسان کي روزگار جي بحالي سميت ٻيا جائز حق ڏنا وڃن.
آگسٽ 8, 2023