سکر : پ پ چيئرمين پاران ايس آءِ يو ٽي ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ چلڊرن اسپتال جو افتتاح
سکر (رپورٽ : امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين، وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري SIUT ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ چلڊرن اسپتال سکر جو افتتاح ڪري ڇڏيو،
افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير، سيد ناصر حسين شاهه، ضلعي ڪائونسل سکر جو چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.
تقريب ۾ امتياز شيخ، عذرا پيچوهو، ايس آءِ يو ٽي سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ٻين ڊاڪٽرن، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، قومي اسيمبلي ميمبر نفيسه شاهه، نعمان شيخ پڻ شرڪت ڪئي.
آگسٽ 8, 2023