سکر: ٽرين حادثي وارو معامرو، 18 گريڊ جي ٻن آفيسرن سميت 6 ملازم معطل

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) سرهاري ۾ هزاره ايڪسپريس کي حادثي وارو معامرو، 18 گريڊ جا 2 ۽ ٻين گريڊن جا 6 آفيسر معطل، تفصيل موجب پاڪستان ريلوي پاران سرھاڙي ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ هزاره ايڪسپريس سان حادثو پيش اچڻ واري معاملي تي پاڪستان ريلوي سکر ڊويزن جي 18 گريڊ جي ٻن آفيسرن کي فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

جڏھن تہ 6 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به معطل ڪيو ويو آهي، ريلوي ذريعن موجب ته فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي ايڪشن ورتو ويو آهي،

 اهي عملدار ۽ آفيسر حادثي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين معطل رهندا، معطل ٿيندڙ عملدارن ۾ مشرف مجيد ايگزيڪيوٽو انجنيئر نواب شاهه، محمد عارف انسپيڪٽر شهدادپور، بشير احمد پاور ڪنٽرولر ڪوٽڙي ۽ PWI جا گينگ مين شامل آهن.

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو