دادو : ڊي ايس پي سٽي آفيس ۾ سب انسپيڪٽر جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو مان رٽائرڊ  ٿيندڙ پوليس سب انسپيڪٽر محمد امين  وگھيو جي مان ۾ ڊي ايس پي سٽي دادو آفيس ۾ الوداعي تقريب ٿي گذري،

 ڊي ايس پي سٽي دادو  عبدالخالق وڳڻ، ريڊر علي محمد ڀٽو ۽ آفيس جي عملي پاران رٽائرڊ سب انسپيڪٽر محمد امين وگھيو کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ٽوپي گلن ھار پارائي عزت ڏني ۽ پنهنجي پوليس موبائيل ۾ ويھاري گھر طرف روانو ڪيو،

ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي چيو ته ڊيوٽي ڪندڙ ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ پوليس آفيسر عملدار پنهنجي اولاد جيان ھوندا آهن جن کي عزت ڏيڻ اسانجو فرض آهي ته سندن ھمٿ افزائي ڪيون،

 جڏهن ته 38 سال ست مھينا پوليس کاتي کي ڏيندڙ رٽائرڊ سب انسپيڪٽر محمد امين وگھيو پاران خوشي جو اظهار ڪري ڊي ايس پي ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا  الوداعي تقريب ۾  سنڌ جو مزاحمتي شاعر عبدالغفار جمالي، سماجي اڳواڻ مجيب پنھور ۽ ٻيا موجود ھيا.

آگسٽ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو